زنـدگـيءَ جو گيت

زنـدگـيءَ جو گيت

زندگيءَ جو گيت

زنـدگـيءَ جو گيت (ڪتاب): هيءُ هندستان جي نامـيـاري فـلاسافر گرو رجنيش جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو نوجوان صحافي ۽ ليکڪ مجيب ناريجي ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾گرو رجنيش جا خطاب ڏنل آهن، جيڪي مختلف عنوانن سان مختصر توڙي مفصل مضمونن جي صورت ۾ آهن. هن ڪتاب ۾ مذهب، مذهبي قدرن ۽ روايتن، هندو ميٿالاجيءَ جي لايعنيت، ابهام، بي عمليءَ سان گڏ پنڊتن ۽ مذهبي پيشوائن جا تذڪرا به موجود آهن. ان کانسواءِ مذهبي نقطهء نگاهه سان هندو ڌرم جي پنڊتن جا هڪ ٻئي سان تضاد به واضح ڪيل آهن. هيءُ ڪتاب پنجن بابن تي ۽ 16 مضمونن تي مشتمل آهي. ان ۾ گرو رجنيش جي معتقدن جي سوالن جا جواب به ڏنا ويا آهن. آخر ۾ گرو رجنيش جا زندگي ۽ مذهب جـي فـلـسـفـي بابت ذاتي خيال تحرير ٿيل آهن. ڪتاب جي ابتدا ۾ گرو رجنيش جي لقب ’اوشو‘ بابت وضاحت پيش ڪيل آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو جولاءِ 2001ع ۾ سنڌ بُڪ ڪلب، حيدرآباد ڇپرائي پڌرو ڪيو. گرو رجنيش جي رنگين تصوير سان رنگين ٽائيٽل ۽ ڊيمي سائيز جي 143 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 90 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو